ڪراچي: صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت برساتن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصانن جو سروي ڪرڻ لاءِ يونين ڪائونسل سطح تي جوائنٽ سروي ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن. ضلعي انتظاميا، پاڪ آرمي، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي جي نمائندن ۽ لاڳاپيل يونين ڪائونسل جي سيڪريٽرين تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. اطلاعات واري صوبائي وزير جاري بيان ۾ چيو ته ڪنهن به يونين ڪائونسل ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين کي نظر ۾ رکندي هڪ کان وڌيڪ ڪاميٽيون ٺاهي سگهجن ٿيون. هن چيو ته گڏيل سروي ڪاميٽين جي مانيٽرنگ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهيءَ ۾ ڊسٽرڪٽ سپروائيزري ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ايس ايس پي، ضلعي ملٽري لائيزن آفيسر، اين ڊي ايم اي، سپارڪو، پي ڊي ايم اي جا نمائندا ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ کي شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن مان وڌيڪ 17 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن، جن جو انگ وڌي 724 ٿي ويو آهي، تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
هن چيو ته وڌيڪ 23312 ڍور مري ويا آهن، جنھن جو مجموعي انگ 313509 ٿي ويو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب 10 لک 61 هزار 776 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته 7 لک 20 هزار 749 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن. مجموعي طور تي 10946553 آبادي متاثر ٿي آهي، جڏهن ته 2127311 خاندان متاثر ٿيا آهن ۽ 7256981 ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. هن چيو ته متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، هن وقت تائين متاثرن کي 284625 خيما، 247512 پلاسٽڪ ترپال، 2254495 مڇر دانيون، 26740 سليپنگ ميٽس، 746212 ليٽر منرل واٽر، 34034 ڪچن سيٽس، 7000 فرسٽ ايڊ ڪٽس، 15430 چوپائي مال جون مڇر دانيون ۽ ٻيو امدادي سامان فراهم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 7 لک 36 هزار 949 خاندانن کي راشن جا ٿيلها ڏنا ويا آهن، هن چيو ته سنڌ حڪومت امدادي سرگرميون جاري رکندي، پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت عوام سان ڪميٽڊ آهي، سمورن متاثرن جي بحالي تائين سڪون سان نه ويهنداسين.