اسلام آباد: ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پاڪستان آيل هالي ووڊ اداڪارا ۽ گڏيل قومن جي خاص سفير انجلينا جولي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين تي دنيا جو ڌيان ڏيارڻ ۽ ڇڪائڻ جو عزم ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٿيل تباهي جو دنيا کي اندازو نه آهي. نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جو دورو ڪندي انجلينا جولي بدترين تباهي عوام جي تڪليفن ۽ فوج جي رليف آپريشن جي حقيقي منظرڪشي پيش ڪئي. هالي ووڊ اداڪاره تڪيلفن ۾ ڦاٿل عوام جي مدد ۾ ڏينهن رات مصروف پاڪ فوج کان متاثر ٿيندي چيو ته ڪابه امدادي سرگرمي ڏٺي ته ڏٺو ته اها پاڪ فوج ڪري رهي آهي. انجلينا جولي چيو ته هر هنڌ پاڪ فوج کي عوام جي مدد ڪندي ۽ زندگيون بچائيندي ڏٺو آهي جن حياتين کي بچايو ويو آهي، انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي پر اهي به محفوظ نه آهن. هن چيو ته جيڪا تباهي ٿي آهي دنيا کي ان جو اندازو ئي نه آهي ايندڙ هفتن ۾ ڀرپور مدد نه پهتي ته بچي ويندڙ به نه بچي سگهندا. هن چيو ته زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندڙ انهن انسانن ۾ا ڻ ڳڻيا ٻارڙا به شامل آهن، انهن ايڏي تباهي پنهنجي حياتي ۾ڪڏهن به ناهي ڏٺي. متاثرن کي خوراڪ، شيلٽر ۽ طبي سهولتن جي جنگي بنيادن تي ضرورت آهي. پاڪستان جي پنهنجي گذريل دوري کي ياد ڪندي هن چيو ته پهريان جڏهن به هڪ پاڪستان آئي ته هو عوام کي افغان عوام جي مهمانوازي ڪندي ڏٺو. اڄ پاڪستاني پاڻ وڏي قدرتي آفت جي ور چڙهيل آهن. انجلينا جولي عالمي برادري کان پاڪستاني ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ڊو مور جو مطالبو ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ جيڪا صورتحال آهي دنيا کي ان تي جاڳڻ گهرجي. هي اڻ ڳڻيل ماڻهن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. گڏيل قومن جي خاص سفير چيو ته ڪلائيمينٽ چينچ جي گهٽ ذميوار ملڪن کي تباهي ۽ موت کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منهن ڏسڻو پيو آهي. هن مصيبت جي گهڙي ۾ منهنجي دل عوام سان گڏ آهي ان موقعي تي انجلينا جولي بار بار متاثرن جي مدد لاءِ پاڪستان اچڻ جو عزم ورجايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close