پاڪستان

پاڪستان ۾ صحت ۽ خوراڪ جو بحران آهي، دنيا کان خيرات نه انصاف چاهيون ٿا: بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن، ملڪ صحت ۽ خوراڪ جهڙن بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان کي عالمي برادري کان خيرات نه پر انصاف گهرجي، ٻوڏ عالمي تباهي آهي، تنهن ڪري ان جو احساس به عالمي سطح تي ٿيڻ گهرجي. پرڏيهي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو چيو ته ٻوڏ عالمي تباهي آهي، هن وقت اسان رليف ۽ ريسڪيو واري مرحلي ۾ آهيون جنهن بعد نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ داخل ٿينداسين، پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ صحت ۽ خوراڪ جهڙن بحرانن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ ملڪ کي هن وقت 30 ارب ڊالرن جي امداد گهربل آهي، پاڙيسري ملڪ ڀارت اسان کي مدد جي آڇ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ڀارت ڪشمير ۾ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اتا جا مسلمان عدم تحفظ جو شڪار آهن، ڀات ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني طور قابض بڻيل آهي اتي مسلمانن سميت ٻين اقليتن تي ظلم ڪيو پيو وڃي، اڄوڪو ڀارت سيڪيولر نه پر هڪ تبديل ٿيل ملڪ آهي ان سان لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي، اسان کي امن سان رهڻو پوندو. بلاول وڌيڪ چيو ته طالبان عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا آهن، طالبان پاران واعدا نه پاڙڻ سبب سندن حڪومت کي تسليم نه ڪيو ويو، اهو ٻڌي ڏک ٿيو ته طالبان ڇوڪرين کي سيڪنڊري اسڪول وڃڻ جي اجازت نه ٿا ڏين. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ايراني پرڏيهي وزير نوجوان ڇوڪري جي موت جي شفاف جاچ ڪرائڻ لاءِ چيو آهي، مون کي ايراني پرڏيهي وزير تي اعتماد آهي ته هو معاملي جي شفاف انڪوائري ڪرائيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button