پاڪستانسنڌ

ماڻھو هن مهل تمام گهڻي مشڪلات ۾ مبتلا آھن: لياقت جتوئي

راڌڻ: اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير ۽ پي ٽي آ اڳواڻ لياقت جتوئي ٻوڏ متاثرن جي علاج لا آيل انڊس اسپتال ڪراچي جي ڊاڪٽرن ۽ عملي سان ٻيٽو جتوئي هائوس تي ملاقات ڪئي ۽ سندن شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته منهنجا ماڻھو هن مهل تمام گهڻي مشڪلات ۾ مبتلا آھن ۽ انهن جي لا جيترو ڪجهه ڪجي سو بلڪل ڪجهه به ناهي ھي خدمت آهي، جنهن جو خدا اوھان کي اجر ڏيندو.

ٻوڏ متاثر ماڻهو بي سھارا آهن، حڪومت جو ھتي ڪوبه ماڻھو يا نمائٔندو نظر نٿو اچي، نه آبپاشي کاتو آھي نه ڪو صحت کاتو نه وري ڪا ايڊمنسٽريشن آهي، پاڻي نڪرڻ ۾ ٽائٔيم لڳندو، اوھان جي ھتي اچڻ جي اشد ضرورت آهي، مليريا، ڊائٔريا عام آهي غريبن جا گهر تباهه ٿي چڪا آهن، گهر ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، انھن جا گھر ڪير ٺاھي ڏيندو، گھر ٺاھڻ ۾ اڃا وقت لڳندو، حڪمران رڳو فوٽو سيشن ۾ پورا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button