ٿاڻو بولا خان: ٿاڻو بولا خان تعلقه اسپتال ۾ مبينا غفلت سبب ويم دوران تازو ڄاول ٻارڙو فوت، وارثن جو ڊاڪٽرن ۽ انتظاميا خلاف احتجاج، خبر موجب ٿاڻي بولا خان جي ڏورانھين علائقي ڪرچات جي ڳوٺ لال بخش ڪانڙو جي رھواسڻ صفيحا زال مجيد ڪانڙو کي ويم جي تڪليف دوران وارثن ايمرجنسي ۾ تعلقه اسپتال ٿاڻو بولا خان آندو. جتي موجود اسپتال جي عملي عورت کي اھو چئي موٽائي ڇڏيو ته ويم ۾ 6 ڪلاڪ دير آھي. وارثن طرفان عورت کي پي پي ايڇ آ اسپتال ٿاڻو احمد خان نيو پئي ويو ته عورت رستي ۾ ٻار کي جنم ڏيئي ڇڏيو ۽ هو فوت ٿي ويو. جڏھن عورت کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو.
ان ڏس ۾ عورت جي مڙس عبدالمجيد ڪانڙو، عبدالقدير ڪانڙو ۽ ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان عورت کي تعلقه اسپتال ٿاڻو بولا خان آندو، جتي ڊاڪٽرياڻي نه ھئي، اسان عملي کي چيو ته ايمرجنسي ڪيس آھي، ڊاڪٽرياڻي کي ٻڌايو پر عملي جي ھڪ نرس آئي، جنھن عورت کي چيڪ اپ ڪندي چيو ته ڊليوري ۾ 6 ڪلاڪ دير آھي، اسان واپس عورت کي ٿاڻو احمد خان اسپتال کڻائي پئي وياسين ته عورت رستي ۾ ٻار کي جنم ڏنو ۽ فوت ٿي ويو، اتان جي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي ٻڌايو ته ڊليوري 6 ڪلاڪ ليٽ ٿيڻ سبب ٻارڙو عورت جي پيٽ ۾ ٻوساٽجي فوت ٿي ويو آھي. ھنن گھر ڪئي ته تعلقه اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي تعلقه اسپتال ٿاڻوبولاخان جي ايم ايس ڊاڪٽر ھيمن داس ٻڌايو ته معاملي جي مڪمل جاچ ڪري غفلت ۾ ملوث عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.