پاڪستانسنڌ

ٻوڏ متاثرن جي امداد ۾ دير ۽ مبينا ڪرپشن خلاف جماعت اسلامي جا مظاهرا

أحيدرآباد: ٻوڏ متاثرن جي امداد ۾ ڪرپشن ۽ دير ڪرڻ واري سنڌ حڪومت جي فيصلي خلاف جماعت اسلامي سنڌ طرفان ڪالهه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ سنڌ جي ضلعي توڙي تعلقي هيڊڪواٽرز جي پريس ڪلبن ۽ اهم هنڌن تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ڪراچي ۾ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومتي نااهلي توڙي غفلت سبب اڄ لکين ماڻهو دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن، خوشحال سنڌ ۾ ماروئڙا نااهل قيادت سبب سورن ۾ آهن، ان ڪري جماعت اسلامي متاثرن جي امداد ۾ ڪرپشن هرگز ٿيڻ نه ڏيندي، انهن کي پنهنجو حق ڏيارڻ لاءِ جاکوڙ جاري رهندي، حڪومت هن احتجاج کي موٽ نه ڏيندي ته پوءِ اي پي سي، سيمينار ۽ احتجاج جا ٻيا طريقا پڻ اختيار ڪيا ويندا. سنڌ جي امير گهر ڪئي ته متاثرن جي امداد ۾ شفافيت کي يقيني بنائڻ لاءِ تعلقي سطح تي ڪميٽيون جوڙيون وڃن، جنهن ۾ سول سوسائٽي، صحافي ۽ عالمن کي پڻ شامل ڪيو وڃي. ان سان گڏو گڏ عوام کي پينو فقير بنائڻ بدران ننڍن زميندارن کي ربيع جي پوکي لاءِ بنا وياج جي قرض ۽ رعايتي اگهن تي ڀاڻ، ٻج ۽ مشينري فراهم ڪئي وڃِي ته جيئن ٻهراڙي جي معيشت ساهه کڻي سگهي، اهڙي واهر لکين ماڻهن کي سڌو توڙي اڻ سڌو روزگار فراهم ڪري کين پيرن تي بيهارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ سنڌ کي خوراڪ جي وڏي بحران کان بچائيندي. لاڙڪاڻي ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، ضلعي امير قاري ابو زبير جکرو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو،

شھدادڪوٽ ۾ علڻ شاھه لڳ با پاس وٽ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. جنهن ۾ ڊاڪٽر امتياز احمد شيخ، منصور علي ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪنڌڪوٽ ۾ حافظ نصرالله چنا، مقامي امير عبيدالله بلوچ ۽ غلام مصطفى ميراڻي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، سکر پريس ڪلب سامهون مقامي امير زبير حفيظ جي قيادت ۾ مظاهرو ڪيو ويو. جماعت اسلامي ضلع بدين پاران بدين، گولاڙچي، شادي لارج، تلهار ۽ ٽنڊوباگو ۾ برسات متاثرين جي امداد ۾ گهوٻين ۽ سنڌ حڪومتي جي بي حسي خلاف مظاهرا ڪيا ويا. جن کي ضلعي امير سيد علي مردان شاهه، محمد عظيم ٻارڻ، سيد دائود شاهه گيلاني، مولانا غلام رسول احمداڻي، الله بچايو هاليپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪيو. ميرپورخاص ۾ مدينه مسجد شاهي بازار ۾ مقامي امير رفيق چوهاڻ، عاصم شيخ ۽ ظفراقبال جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاڻي ۽ سماجي اڳواڻ رضا محمد پهوڙ جي اڳواڻي ۾ ٺل جي علائقي جونگل ۾ شڪارپور روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ ضلعي امير حاجي ديدار لاشاري، صادق ملغاڻي، عبدالحفيظ پيرزاده جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، نوشهروفيروز ۾ ضلعي امير ايڊووڪيٽ شبير خانزاده جي اڳواڻي ۾ پڻ مظاهرو ڪيو ويو. جڏهن ته شڪارپور ۾ عبدالسميع ڀٽي، ٽنڊو آدم ۾ مشتاق احمد عادل، عبدالغفور انصاري، نواب شاهه ۾ سُرور احمد قريشي، سردار احمد آرائين جي قيادت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button