ڪراچي: سڌ سماءُ واري کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آبادگارن ۽ هارين کي رليف فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ته جيئن اھي ايندڙ سيزن جي فصلن جي پوکي ڪري سگهن. پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ هن چيو ته 40 لک 70 هزار 614 پوکي لائق زمين مان 37 لک 73 هزار 707 ايڪڙن تي بيٺل فصل تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباھه ٿيو آهي. سنڌ حڪومت آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ ايندڙ سال ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس 4 هزار رپيا في 40 ڪلو گرام مقرر ڪئي آهي، ان کان علاوه زرعي قرضن جي وصولي موخر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت نقصانن جي اصل ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ ڪميٽيون ٺاهي ڇڏيون آهن، جيڪي ايندڙ سومر کان سروي شروع ڪنديون. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌو درياهه ۾ ٻن بئراجن تي پاڻي جي سطح هڪ لک ڪيوسڪ کان هيٺ اچي وئي آهي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جي آمد 87300 ڪيوسڪ ۽ اخراج 76000 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. سکر بئراج وٽ آمد 92200 ڪيوسڪ ۽ آئوٽ فلو 82000 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي آمد 203100 ڪيوسڪ ۽ آئوٽ فلو 199300 ڪيوسڪ آهي.
هن چيو ته جن علائقن مان پاڻي نيڪال ٿي ويو آهي، اتي متاثرن پنهنجن گهرن ڏانهن موٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. حيدرآباد جي مختلف علائقن يوسي ٽنڊو حيدر، يوسي موسيٰ کٽياڻ ۽ ٻين علائقن جي سرڪاري اسڪولن مان متاثرن کي سندن ڳوٺن ڏانهن موڪليو ويو آهي. ضلعي انتظاميه امدادي ڪيمپن مان پنهنجن گهرن ڏانهن موٽندڙ متاثرن کي ٽرانسپورٽ جون سهولتون، خيما ۽ راشن فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته وڌيڪ 4 قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن، مجموعي طور 728 ڄڻا فوت ۽ 8422 زخمي ٿيا آهن. وڌيڪ 26,506 ڍور مري وڃڻ جي رپورٽ ملي آهي، مجموعي طور 340,015 ڍور مري چڪا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مليل رپورٽ موجب 1061788 گهر جزوي ۽ 720799 مڪمل طور تباهه ٿيا آهن. ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي رپورٽ موجب تازين برساتن سبب 2548 سرڪاري عمارتون تباھه ٿيون آهن. هن چيو ته امدادي سرگرميون جاري آهن، متاثرن کي 295093 خيما، 281669 پلاسٽڪ ترپال، 2309809 مڇردانيون، 749762 ليٽر منرل واٽر، 40575 جيري ڪينس، 7579 وهاڻا، 4620 بيڊ شيٽس ۽ ٻيو امدادي سامان فراهم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 777120 خاندانن کي راشن جا بيگس ڏنا ويا آهن.