شهدادپور/ مقصودو رند: شهدادپور جي ڳوٺ ڳوٺ گل محمد سھتو ۾ برساتن بعد سم نالو ٽٽڻ سبب تباھي ٿي پئي، سم نالي جو پاڻي ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ پورهيتن جا 70 کان وڌيڪ گھر ڊھي پيا. خبر موجب شهدادپور ويجھو برساتن بعد سم نالو ٽٽڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، پر ڳوٺ گل محمد سھتو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، جتي 70 کان وڌيڪ غريب مسڪين پورهيتن جا اجھا ڊھي پٽ ٿي ويا، جنهن سبب ڳوٺاڻا پريشان ٿي ويا آهن، ڪيترائي ڪٽنب ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويهي رهيا آهن، جن جي انتظاميا ڪابه مدد ناهي ڪئي. ان حوالي سان ڳوٺاڻن مشتاق احمد سھتو، الھوسايو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سم نالي کي هٿرادو ڪٽ ھڻي اسان جي ڳوٺ گل محمد سھتو کي ٻوڙيو ويو آهي، ايترو نقصان اسان کي برساتن نه ڏنو، جيتري تباھي سم نالي سبب آئي آهي، اسان جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن، آر او پلانٽ پڻ بند آھي، جنھن سبب اسان کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آھيون، اسان جي ڪير به سار نه لڌي آھي، گھرن ۾ اڃا تائين ٽي کان چار فوٽ تائين پاڻي بيٺل آهي ۽ سوين ايڪڙ فصل تباھه ٿي ويو آهي. هنن سنڌ سرڪار، شازيه مري، ناياب لغاري ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته جلد ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرائي اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي. ٻئي پاسي ڳوٺاڻن يوسف عرف لونگ فقير سهتو، مولوي خادم حسين سهتو، محبوب سهتو ۽ ٻين دانهون ڪندي چيو ته اسان حڪمران جماعت جا ووٽر ۽ پورهيت آھيون، پورهيو ڪري پنهنجي ٻارن جو پيٽ گذر ڪريون ٿا، ڳوٺ ۾ برساتن ۽ سم نالي کي لڳل گهارن سبب 4 کان 6 فوٽن تائين پاڻي اچي ويو آهي، پر ڪير به مدد نٿو ڪري.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close