چوٽياريون: چوٽياريون پوليس سيشن ڪورٽ سانگهڙ جي حڪم تي زميندار محمد حسن راڄڙ جي زرعي زمين تي ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو، جن ۾ جانل، آمنه، منظور، معشوق، علي غلام، گل محمد، خوشبو ۽ نواز سميت ٻيا شامل آهن. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او چوٽياريون نبي بخش لاشاري ٻڌايو ته سيشن ڪورٽ سانگهڙ ۾ داخل ڪرايل درخواستگذار مٺو سولنگي جي درخواست تي ڳوٺ ساجن راڄڙ تي ڪارروائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 هارين کي بازياب ڪرايو آھي، جن کي اڄ لاڳاپيل ڪورٽ ۾ پيش ڪنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close