ڀرياسٽي: ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ محمد جڙيل سيال جي رھواسڻ 20 سالن جي نوجوان ناري شازيا ڌي شفيع محمد سيال پنهنجي ماسات ديدار سيال سان نوشھروفيروز جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، جنهن بعد نوجوان ناري شازيا سيال ٻڌايو ته منهنجو پي پئسن عيوض 50 سالن جي پيرسن سان پرنائڻ چاھي پيو، جنهن ڪري گهران نڪري ماسات ديدار سيال سان عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي، جنهن کان مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن. هن اختيارين کان تحفظ جي اپيل ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close