آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين باب ميننڊيز پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب وڏي جاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ 4 ڪروڙ پاڪستانين کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ ملڪ هن وقت پنهنجي تاريخ جي سڀ کان ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ باب ميننڊيز چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي فوتگيون ٿيڻ جو خدشو آهي، اٽڪل 3 هزار ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 4 ڪروڙ متاثر لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪومت جمهوريت ۽ انساني حقن جي اهم معاملن تي ڌيان ڏنو ته نئين سر اڏاوت وارو عمل وڌيڪ بهتر نموني ممڪن ٿي سگهندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close