پاڪستان

نواز شريف نيب ترميمي ايڪٽ تحت احتساب عدالت کان رليف گهري ورتو

مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف نيب جي ترميمي ايڪٽ تحت احتساب عدالت لاهور کان رليف طلب ڪندي پلاٽ الاٽمينٽ ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. نوازشريف پلاٽ الاٽمينٽ ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب ترميمي ايڪٽ جي تحت نيب کي 50 ڪروڙ رپين کان گهٽ ماليت واري ڪيس ۾ ڪارروائي جو اختيار نه آهي، درخواست گذار خلاف داخل ريفرنس ۾ 13 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو الزام لڳايو ويو آهي، احتساب عدالت ٽن جوابدارن کي اڳ ئي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي. نواز شريف طرفان عدالت ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب ترميمي ايڪٽ تحت نيب کي 50 ڪروڙ رپين کان گهٽ ماليت واري ڪيس ۾ ڪارروائي جو اختيار ناهي رهيو. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته نيب ترميمي ايڪٽ تحت عدالت نوازشريف خلاف ڪارروائي ختم ڪري، عدالت اڳوڻي وزيراعظم کي اشتهاري قرار ڏئي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا هئا ۽ ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏئي چڪي آهي. ياد رهي ته نيب ايڪٽ ۾ ڪيل ترميم بعد نيب کي هاڻي 50 ڪروڙ رپين کان گهٽ ماليت جي ڪيس ۾ ڪارروائي جو اختيار ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button