گڏيل قومن چيو آهي ته پاڪستان کي قرض ڏيندڙ ملڪ رقم جي واپسي ۾ رليف ڏيڻ تي غور ڪن ته جيئن پاڪستان ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سرگرمين تي ڌيان ڏئي سگهي. جرمني جي خابرو اداري مطابق برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز گڏيل قومن جي هڪ پاليسي دستاويز جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان جي مالياتي بحران ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي ان لاءِ پاڪستان کي عالمي قرضن جي ادائگيءَ ۾ رليف ۽ قرضن جو نئون شيڊيول ڏيڻ گهرجي. پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ 1576 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته فوتگين جو انگ ان کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته نقصان جو ڪاٿو 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي. اخبار مطابق پاليسي دستاويزن کي گڏيل قومن جو ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) هلندڙ هفتي پاڪستان حڪومت سان شيئر ڪندو، ان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي قرض ڏيندڙ ملڪن طرفان قرضن جي واپسيءَ ۾ رليف ڏيڻ تي غور ڪرڻ گهرجي ته جيئن پاڪستاني پاليسي سازن کي قرض جي ادائيگيءَ تي پنهنجو ڌيان ڏيڻ بدران ٻوڏ جي تباهيءَ سبب پيدا ٿيل حالتن کي نظر ۾ رکندي امدادي ڪمن کي ترجيح ملي سگهي، پاڪستان حڪومت ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري ٻوڏ لاءِ ماحولياتي تبديليءَ کي ذميوار قرار ڏنو آهي. اخبار لکيو آهي ته پاليسي دستاويز ۾ قرضن جي نئين سر شيڊول جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي ايم ڊي شرطن ۾ نرمي تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل وزيراعظم ۽ آءِ ايم ايف جي سربراهه سان ملاقات بابت ٻڌايو ته آءِ ايم ايف ايندڙ قسط جي رقم وڌائڻ تي پڻ راضپو ظاهر ڪيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير عالمي بئنڪ وٽان هن سال جي آخر تائين ٻه ارب ڊالر ملي ويندا، ٻوڏ سبب پاڪستان جون حالتون بدلجي ويون آهن، ڪپهه ۽ ڪڻڪ جا فصل تباهه ٿيا ته اسان کي ٻئي شيون درآمد ڪرڻيون پئجي سگهن ٿيون. سندس چوڻ هو ته منهنجو ڪم ٻوڏ متاثرن لاءِ رقم گڏ ڪرڻ آهي، بل گيٽس سان به امداد بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، هر ٻوڏ متاثر تائين نٿا پهچي سگهون پر ڪرپشن واري ڳالهه ڪوڙي آهي. هڪ جي جواب ۾ مفتاح اسماعيل چيوته عمران خان ٿوري ڌمڪي تي وائڙو ٿي معافي گهري وٺي ٿو، عمران خان ايڏو خطرناڪ آهي جو سڀني کان معافي گهرندو آهي، ان جي ڳڻتي ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close