وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن کان ٻوڏ متاثرن جي فوري امداد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي، دنيا کي ٻوڏ جي تباهين کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، عالمي برادري کي ذاتي پسند ناپسند ڇڏي اسان جي مدد ڪرڻي پوندي، فوري امداد نه ڪئي وئي ته وڏو سانحو ٿي سگهي ٿو، ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ جيڪو ٿيو آهي اهو صرف اسان جي ملڪ تائين محدود نه رهندو، ڪير به نٿو سمجهي سگهي ته اسان هينئر ڪهڙي صورتحال مان گذري رهيا آهيون، دنيا مان موسمياتي انصاف جي اميد لڳائڻ غلط نه هوندي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين سالياني اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته آئون هتي سڀني کي ٻڌائڻ آيو آهيان ته پاڪستان ڪهڙين حالتن مان گذري رهيو آهي، 40 ڏينهن ۽ 40 راتين تائين اهڙي ٻوڏ آئي جيڪا دنيا ڪڏهن به نه ڏٺي هوندي، شروعاتي اندازي مطابق 4 ملين ايڪڙ فصل تباهه ٿيا آهن، عالمي گرمي پد ۾ واڌ جا اهڙا اثر پاڪستان ڪڏهن به نه ڏٺا، گلوبل وارمنگ سبب پاڪستان هن وقت دنيا جو سڀ کان گرم ملڪ بڻجي ويو آهي، اسان جو گلوبل وارمنگ ۾ حصو نه هئڻ برابر آهي، تنهن ڪري دنيا مان موسمياتي انصاف جي اميد لڳائڻ غلط نه هوندي، آئون گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين عالمي اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان، جيڪي هن مشڪل گهڙي ۾ اسان سان گڏ آهن، مونکي پريشاني اها آهي ته جڏهن ڪئميرائون هليون وينديون ته پو اسان بحران کي منهن ڏيڻ لا اڪيلا رهجي وينداسين، جنهن جا ذميوار اسان پاڻ نه آهيون، هن ٻوڏ سبب 11 ملين ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ هليا ويندا، 20 هين صدي جي معاملن تان ڌيان هٽائي 21 صدي جي مسئلن تي توجه ڏيڻ جي ضرورت آهي، نه جنگ وڙهڻ لا زمين به باقي نه بچندي. هن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو دارومدار والاريل ڄمون ڪشمير جي مسئلن جي حل تي آهي، ڪشميرين خلاف ڀارت جي ظلم ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي ڇانوڻي بڻائي ڇڏيو آهي، ڀارت کي سمجهڻو پوندو ته پاڪستان ۽ انڊيا ٻئي ايٽمي قوتون آهن ۽ جنگ ڪو آپشن ناهي، گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق را جي حق کي يقيني بڻائڻ تائين ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿيندو، اسان پاڙيسري ملڪ آهيون ۽ اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان کي امن سان رهڻو آهي يا جنگ ڪرڻي آهي، جنگ ڪو آپشن ناهي، صرف پرامن ڳالهيون ئي حل آهي، ڀارت سان امن چاهيون ٿا پر هي ڪشمير مسئلي جي حل کانسوا ائين ممڪن ناهي، جيڪڏهن ڀارت اسان سان ڪشمير جي معاملي تي ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ته اسان به تيار آهيون. ٻئي طرف پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ شهباز شريف چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو ٻڏل آهي، دنيا تائين تباهي جو داستان پهچائي ڇڏيو آهي، عالمي برادري کي اسان کي رليف ۽ فسڪل اسپيس ڏيڻو پوندو ته جيئن اسان ڪروڙين بي گهر ماڻهن کي نوان گهر اڏائي ڏئي سگهون. هن چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ايندڙ ٻن مهينن ۾ پاڪستان کي پرڏيهي قرض ادا ڪرڻو آهي، عالمي برادري فوري طور مدد نه ڪئي ته وڏو سانحو ٿي سگهي ٿو. وزير اعظم چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ 1500 کان مٿي انسان اجل جو شڪار ٿيا، شروعاتي ڪاٿي موجب ملڪي معيشت کي 30 ارب ڊالرن جو نقصان پهتو آهي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ڊونرز ڪانفرنس ڪرائڻ تي راضي ٿي ويو آهي، فنڊ گڏ ڪرڻ لا ڪانفرنس جو انتظام بنا دير ڪيو ويندو، منهنجي مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقات ٿي آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ جاپان، بيلجيئم جي وزيراعظمن سان به مليو آهيان، دنيا کي ٻڌايو آهي ته ٻوڏ سبب ملڪ جي معيشت، زراعت ۽ صنعت کي ڪافي نقصان ٿيو آهي، ورلڊ بئنڪ، آئي ايم ايف ۽ يورپي ملڪن جي ليڊرن سان به ملاقات ٿي، دنيا کي هاڻي اسان جي مدد ڪري رليف ڏيڻو پوندو، مصيبت جي وقت دشمن به هڪ ٻئي تي وار ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا آهن، ايڪي، اتحاد ۽ ڏکي انسانيت سان عملي همدردي لاءِ ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿي وڃڻو پوندو، اسان کي ترقي ۽ بحالي لاءِ قوم کي متحد ڪري سياسي اختلاف هڪ پاسي رکڻا پوندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close