ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تازين طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب انساني الميو برپا ٿيو آهي. ٻوڏ متاثرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. سموريون اين جي اوز، سرندي وارا، فلاحي تنظيمون ۽ رضاڪاري خدمتون ڏيندڙن کي اپيل آهي ته هو پي ڊي ايم اي جي صوبائي ايمرجنسي آپريشن سينٽر سان رابطي ۾ رهن. هن چيو ته ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي نمبر 1736 ۽ موبائل فون نمبرن 03332497362 ۽ 0335557362 تي رابطو ڪيو وڃي ته جيئن امدادي ڪارروايون ڪجهه علائقن تائين محدود نه رهن پر ڏورانهين علائقن جي متاثرن جي به ھن مشڪل جي گهڙي ۾ مدد کي يقيني بڻائي سگهجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بيشڪ سرندي وارا ۽ فلاحي ادارا پنهنجي اطمينان ۽ پنهنجي طريقي سان متاثرن جي مدد ڪن، ايمرجنسي آپريشن سينٽر، فلاحي ادارن ۽ سروندي وارن جو رابطو ضلعي انتظاميا سان ڪرائيندو ته جيئن انهن کي رهنمائي فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته سنڌو درياهه جي وھڪرن ۾ لڳاتار لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آھي.
گڊو بئراج وٽ پاڻي جي آمد 83200 ۽ نيڪال 71900 ڪيوسڪ آهي. سکر بئراج تي آمد 80000، نيڪال 70400 ڪيوسڪ آهي. اهڙي ريت ڪوٽڙي بئراج تي آمد 22200 ۽ نيڪال 191600 ڪيوسڪ آهي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته ٻوڏ سبب 745 قيمتي جانين جو نقصان ٿيو آهي. تازين شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهي جي ڪري 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. 355836 جانور مري چڪا آهن. هن چيو ته 1076056 گھرن کي جزوي نقصان پهتو آهي. جڏهن ته 739897 گھر مڪمل طور تي ڊهي پيا آهن. مجموعي طور تي 2263935 خاندان ھاڻوڪي قدرتي آفت سبب متاثر ٿيا آهن. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مجموعي طور تي 7252290 ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. متاثرن هن وقت تائين 305662 خيما، 294260 پلاسٽڪ ترپال، 2365677 مڇردانيون، 749762 ليٽر منرل واٽر، 42175 جيري ڪينس، 47800 سليپنگ ميٽرس ۽ ٻيو امدادي سامان مهيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 812318 خاندانن کي راشن بيگز ڏنا ويا آهن.