اسلام آبادپاڪستان

آمريڪي سائفر جي جاچ ٿئي ته اسيمبلي ۾ واپس وڃي سگهون ٿا:عمران

اسلام آباد:تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان قومي اسيمبلي ۾ واپسي لاءِ مشروط رضامندي ظاهر ڪندي چيو آهي ته آمريڪي سائفر جي جاچ ٿئي ته اسيمبلي ۾ واپس اچي سگهون ٿا. صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان اسان جا سٺا لاڳاپا هئا، خبر ناهي ڪڏهن ۽ ڪيئن خراب ٿيا. اپوزيشن کان وڌيڪ حڪومت کي اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپن جي ضرورت هوندي. اسان اپوزيشن ۾ آهيون ته اپوزيشن ۾ رهندي ڪهڙا لاڳاپا ٿي سگهن ٿا؟ هن چيو ته پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ حقيقت آهي، ان وٽ سمورا اختيار آهن، خطي ۾ سڀني سان ملڪي مفاد تحت لاڳاپا هجڻ گهرجن. اڳوڻي وزيراعظم اسيمبلي ۾ واپسيءَ لاءِ شرط رکي ڇڏيو ۽ چيو ته آمريڪي سائفر جي جاچ ڪئي وڃي ته اسيمبلي ۾ واپس اچي سگهان ٿو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت معيشت کي اهڙي جاءِ تي آڻي ڇڏيو آهي جو دوا بدران سرجري جي ضرورت آهي. مفتاح اسماعيل ڪينسر جو علاج ڊسپرين سان ڪري رهيو آهي، حڪومت جي ترجيح معيشت نه پنهنجا ڪرپشن ڪيس ختم ڪرائڻ آهي. عمران خان چيو ته موجوده حڪومت نيب جا 1100 ارب رپين جا ڪيس ختم ڪرايا، نيب ڪيس ختم ٿيندي ئي اسحاق ڊار موٽڻ لاءِ تيار آهي. نواز شريف به اچڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. چيئرمين چيو ته هاڻ حڪومت ملي ته ماضي جون غلطيون نه ورجائينداسين، تحريڪ انصاف پهريون ڀيرو حڪومت ۾ آئي هئي ان ڪري غلطيون ٿيون. معيشت کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ رٿابندي ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button