پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري ۾ هڙتال، واپارين جا ڌرڻا، ايس ايس پي موڪل تي روانو

عمرڪوٽ/ڇاڇرو: عمرڪوٽ واپاري سميت 2 ڄڻن کان ڦر مزاحمت تي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ ۽ بدامني وڌڻ خلاف عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ عمرڪوٽ ۾ واپاري ايسوسئيشن جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جنهن جي ڪري شهر ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو. واپاري ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ليکراج مل مالهي، دليپ هنجواڻي، پرشوتم لوهاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الله والا چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ دڪاندارن پڻ شرڪت ڪئي. واپاري اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 20 ڏينهن کان سٽي ٿاڻي تي ايس ايڇ او مقرر ناهي ڪيو ويو، سڄي شهر ۾ چوري ۽ ڦرن جون وارداتون وڌي ويون آهن، ڦورو واپارين کي گوليون هڻن پيا، دڪاندار پريشان آهن، پر ايس ايس پي ۽ پوليس اختياريون خاموش تماشائي بڻيل آهن. هنن چتا ڏنو ته ايس ايس پي اعجاز شيخ جي بدلي ۽ اشوڪ لوهاڻي کان ڦر ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري تائين هڙتال جاري رهندي. ڌرڻي ۾ پ پ اڳواڻ نور علي شاهھ ۽ ڊي سي پهچي ڳالهيون ڪيون ۽ خاطري ڪرائي. پ پ اڳواڻ نور علي شاھه چيو ته شهر جو امن امان پهرين ترجيح آهي، جوابدار جلد گرفتار ٿيندا. هوڏانهن ايس ايس پي عمرڪوٽ اعجاز شيخ ٻن ڏينهن جي موڪل تي روانو ٿي ويو. عمرڪوٽ ۾ واپاري پيءُ پٽ کان ڦر جي ڪوشش دوران ٻنهي کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف ڇاڇرو جي واپارين ڪيشوو لال، عباس راهمون، قربان نهڙي، ليکراج راٺي، لال ڪمار شاردا، رميش لکاڻي ۽ ٻين واپارين ڪاروبار بند ڪري مين چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button