پاڪستانسنڌ

نواز ڏاهري سم نالي جي پل زبون، مهيني کان ٽرئفڪ بند

سرھاڙي: نواب شاهھ سرھاڙي ٽپالي مين روڊ تي نواز ڏاهري ايل بي او ڊي سم نالي ۾ مسلسل برساتن ۽ بااثرن پاران پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب سم نالي ۾ چاڙهھ سبب سم نالي جي پل هنڌا هنڌا خطرناڪ حد تائين زبون ٿي وئي، جنهن سبب جاني نقصان ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، ڄاڻايل پل ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن کي ملائيندڙ آهي، جيڪا زبون ٿي وئي آهي. پل زبون هجڻ سبب سرهاڙي ۽ نوابشاھه ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ هڪ مهيني کان بند آهي، پر اختيارين ڪو نوٽيس ناهي ورتو. رهواسين ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪئي ته نواز ڏاھري سم نالي جي پل ٻيهر تعمير ڪرائي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button