پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ تقريب، 5 سئو ڳوٺاڻا تحريڪ انصاف ۾ شامل

مقصودو رند: مقصودو رند لڳ ڳوٺ نچايو ڀاڻوجو ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ محمد رمضان ڀاڻوجو ۽ علي نواز ڀاڻوجو پاران تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ يوسي لنڊو ۽ يوسي شاھه مردان جي ڳوٺن عبدالحڪيم بروھي ۽ محمد اسماعيل بروھي جي رهواسين خدابخش بروھي، عبدالرحيم بروھي، محمد حيات بروھي، غلام محمد بروھي ۽ اعجاز بروھي جي اڳواڻي ۾ 500 ڳوٺاڻن تحريڪ انصاف نوابشاھه ڊويزن جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري چوڌري نويد انجم جي موجودگي ۾ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي چوڌري نويد انجم، منوچر گجر، منصور علي شاهھ، فيض علي رند، علي نواز رند، محمد رمضان ڀاڻوجو، علي نواز ڀاڻوجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف جي سنڌ ۾ مقبوليت وڌندي پئي وڃي ۽ ماڻھو پ پ مان بيزار آھن. برساتن دوران سنڌ سرڪار سنڌ جي ماڻھن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي، سنڌ سرڪار غريب ماڻھن کي ڪوبه رليف نه ڏئي سگهي آھي. جڏھن ته اڳواڻن برسات متاثرن ۾ مڇردانيون ورھايون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button