پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ امداد نه ملڻ خلاف عورتن جو مظاهرو

جھڏو: جهڏو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مها ٻوڏ دوران ڪيترائي ماڻهو پنهنجا اجها ٻڏڻ سبب روڊن رستن تي ويٺل آهن، پر مختيارڪار آفيس ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ آيل راشن، مڇردانيون، ٽينٽ، کٽون ۽ ٻيو سامان سرڪاري ڌر جي ماڻهن جي پرچين تي من پسند ماڻهن کي ملڻ لڳو آهي، جنهن سبب ٻوڏ متاثر امداد کان محروم آهن. راشن لاءِ مسڪين عورتون سڄو ڏينهن مختيارڪار آفيس جا چڪر ڪاٽي مايوس ٿي خالي هٿين واپس وڃن ٿيون، جڏهن ته مختيارڪار آفيس کي تالو لڳائي تپيدارن جي پرائيويٽ جاين تي آفيس جو ڪارونهنوار هلايو پيو وڃي. امداد نه ملڻ ڪري ھر روز مين ميرپورخاص روڊ تي ٻوڏ متاثر احتجاج ڪري رهيا آهن، پر اختياريون نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهن. هوڏانهن نبي سر موڙ تي ٻوڏ متاثر عورتن سڪينه بروهي، لالي ٻائي، راڻي ۽ ٻين مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته اسان جا ٻار بکن تي آهن، پر اسان کي راشن ۽ ٻيو سامان نٿو ملي، مختيارڪار آفيس کي تالا لڳل آهن، پر ان باوجود آفيس ۾ من پسند ماڻهن کي راشن، خيما، کٽون ۽ ٻيو سامان ڏنو پيو وڃي، جيڪو اسان سان ظلم آهي. هنن گهر ڪئي ته نوٽيس کڻي اسان کي راشن ۽ ٻيو سامان ڏئي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button