پاڪستانسنڌ

صالح ڀنڀرو لڳ عورت جو لاش مليو، ساهرن تي قتل جو الزام

سامارو: صالح ڀنڀرو لڳ پرڻيل عورت جو گهر مان لاش مليو، پي ساهرن تي قتل جو الزام هڻي ڇڏيو. خبر موجب سامارو لڳ صالح ڀنڀرو ڀرسان يوسي آراڙو ڀرڳڙي جي ڳوٺ غلام عباس ڀرڳڙي ۾ 22 سالن جي پرڻيل عورت مھرالنسا زال رضا محمد ڌي محمد علي اوٺو جو گھر مان لاش هٿ آيو، اطلاع تي عورت جا وارث، صالح ڀنڀرو پڪٽ ۽ سامارو پوليس پهچي وئي، پوليس لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، ليڊي ڊاڪٽر نه ھجڻ ڪري صالح ڀنڀرو پوليس عورت جو لاش عمرڪوٽ اسپتال کڻائي وئي، جتان پوسٽ ڪرائڻ بعد لاش عورت جي والد حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر کڻائي پهتو ته ڪهرام مچي ويو. عورت کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. 22 سالن جي عورت مھرالنسا جي پي محمد علي عرف مانجھي اوٺو سامارو پوليس ۽ صحافين آڏو دانھيندي الزام ھڻندي چيو ته منھنجي ڌي مھرالنسا کي سندس ساھرن زوري زبردستي زھريلي جيت مار دوا پياري قتل ڪيو آھي، مٿن ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. آخري اطلاعن تائين سامارو ٿاڻي تي ڪو ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگھيو ھو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button