
جهڏو: اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جهڏو ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جهڏو ماضي ۾ 3 ڀيرا ٻوڏ سبب تباهه ٿي چڪو آهي، پر سنڌ سرڪار آبي گذرگاهن جي رستن تان قبضا ختم نه ڪريا، پراڻ ڍورو تي جهڏو شهر ۽ ٻين هنڌن تي قبضا ٿيل آهن، جن کي خالي نه ڪرايو ويو آهي، موجوده سرڪار ان معاملي تي ڪو به ڌيان نه پئي ڏي، اسان جي حڪومت آئي ته اسان پاڻي نيڪال جي نظام کي بهتر ڪنداسين. هن چيو ته ارباب لطف الله ۽ مير منور ٻئي هڪ پارٽي جا آهن، آئون نٿو سمجهان ته ارباب لطف الله مير منور کان وڌيڪ مضبوط آهي، پوءِ مير منور زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڇو نه هڻائي سگهيو، اسان ته چئون ٿا ته ڪٽ لڳڻ گهرجي، اهڙو طريقو استعمال ڪجي جو پاڻي نيڪال ٿي وڃي ۽ ڪنهن جو نقصان به نه ٿئي. هن چيو ته خان صاحب جو ارادو آهي ته گڏ ڪيل امدادي رقم مان متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏنا وڃن. هتي برسات گهٽ ٿي آهي، اصل تباهي سم نالن ۽ پراڻ ڍورو جي گهارن سبب آئي آهي.