ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ بينڪ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي آهي. جنهن جي اڳواڻي بينڪ جي ريجنل وائيس پريزيڊنٽ فار سائوٿ ايشيا مارٽن ريسر ڪئي. ملاقات ۾ ٻوڏ متاثرن ۽ ريل گاڏين واري نظام جي بحالي لاءِ هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر جو منصوبو پيش ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته صوبي جي 140914 اسڪوائر ڪلوميٽر ايراضيءَ مان 15 ڏهائي 39 سيڪڙو يعني 21691 ڏهائي 7 اسڪوائر ڪلوميٽر ۽ 66549 آبادي واري ايراضي مان 18 ڏهائي 8 سيڪڙو يعني 12541 ڏهائي 6 اسڪوائر ڪلوميٽر برساتن ۽ ٻوڏ سبب پاڻي هيٺ اچي وئي آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اهڙي وڏي آفت جي ڪا مثال نٿي ملي، جنهن لاءِ عوام جي بحالي، زراعت، انفرااسٽرڪچر ۽ غريب عوام جي آمدني پيدا ڪرڻ تي اربين روپيا خرچ ڪيا وڃن. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ ورلڊ بئنڪ جي سينيئر آپريشنز آفيسر مس ايوا سوبچنسڪا، ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهاسين، آپريشنز مئنيجر گيلس جي ڊراجلس، پروگرام ليڊرز عابدالرزاق ايف خليل، طوبياس اختر حق، سينيئر ڊزاسٽر ريسڪيو احسن تحسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته وڏي وزير سان سندس ڪابينا جي ميمبرن ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، ناصر شاهه، ضياءَ عباس شاهه، صلاحڪارن منظور وساڻ، مرتضيٰ وهاب ۽ رسول بخش چانڊيو، خصوصي معاون حارث گزدر، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي ۽ لاڳاپيل صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.
اجلاس جي شروعات ۾ ورلڊ بئنڪ جي ڏکڻ ايشيا جي سربراهه مارٽن ريسر چيو ته هن دادو، ڄامشورو ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو آهي ۽ اهڙي ٻوڏ واري صورتحال ۽ انساني بحران ڪڏهن به نه ڏٺو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندس ڊونر ايجنسي (ڊبليو بي) متاثرن کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي مدد لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ٻوڏ سبب هڪ لک 70 هزار گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، جن کي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ٻوڏ اچڻ کانپوءِ ٻيهر تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن گهرن جي تعمير تي گهٽ ۾ گهٽ 500 ملين ڊالر خرچ ايندا. مراد علي شاهه چيو ته ڪوشش آهي ته سياري جي اچڻ کان اڳ ماڻهن کي گهرن ڏانهن موڪليو وڃي. هن چيو ته سياري جي مند خيمن ۾ يا روڊن تي رهندڙ ماڻهن لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪندي. ان موقعي تي ورلڊ بئنڪ سائوٿ ايشين جي سربراهه چيو ته سندس ماهرن ۽ سنڌ حڪومت جا لاڳاپيل آفيسر گڏجي ويهندا ۽ ان جي لاڳت، عرصي ۽ تعميراتي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل پلان تيار ڪندا ته جيئن ان منصوبي کي منظوري لاءِ بئنڪ اختيارين ڏانهن موڪلي سگهجي.
مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ ۽ تيز برساتن ڊيمن/ڪلورٽس ۽ ان سان لاڳاپيل اڏاوتن، بئراج هيڊ ورڪس، ڪئنال، چينلز، نالن، ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ بندن، عمارتن جي اڏاوتن ۽ ٽيوب ويلن ۽ پمپن کي نقصان پهچايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ابتدائي اندازي موجب آبپاشي نيٽ ورڪ جي بحالي تي لڳ ڀڳ 94 ڏهائي 7 ارب رپيا لاڳت ايندي. مراد علي شاهه عالمي بئنڪ تي زور ڀريو ته آبپاشي نيٽورڪ کي بهتر بڻائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 250 ملين ڊالر ٻيهر فراهم ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ نه رڳو زرعي معيشت کي نقصان پهچندو پر زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو به تباهه ٿي ويندا. ورلڊ بئنڪ جي سربراهه وڏي وزير کي چيو ته ان جي منظوري لاءِ تجويز پيش ڪئي وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڊونر ايجنسي جي ڏکڻ ايشيا جي سربراهه کي ٻڌايو ته 23 ضلعا متاثر ٿيا آهن. تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏن ڳوٺن توڙي ننڍن ڳوٺن ۾ پاڻي ۽ نيڪال جو نظام تباهه ڪري ڇڏيو آهي. واٽرسپلاءِ ۽ نيڪال جي اسڪيمن جي مرمت ۽ سار سنڀال تي لڳ ڀڳ 100 ملين ڊالر لاڳت ايندي. مراد علي شاهه چيو ته هو چاهي ٿو ته جلد کان جلد واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج اسڪيمن تي ڪم شروع ڪيو وڃي، جيئن شهرن ۽ ڳوٺن مان پاڻي ڪڍيو وڃي. ورلڊ بئنڪ جي سربراهه وڏي وزير کي وڌيڪ غور لاءِ ورڪنگ پيپر پيش ڪرڻ جو چيو، جنهن تي چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي چيو ته ڪاغذ تيار آهن، جلد جمع ڪرايا ويندا. وڏي وزير چيو ته تيز برساتن 102 تعلقن ۽ 5727 ڳوٺن جا ميونسپل روڊ تباهه ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جو مطلب آهي ته ميونسپل روڊن جو سمورو نيٽ ورڪ مڪمل طور ڊهي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ ڏٺائين ته روڊ هاڻي اچ وڃ لائق ناهن. مراد علي شاهه چيو ته ميونسپل روڊن جي تعمير لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 100 ملين ڊالر گهربل هوندا. ورلڊ بئنڪ جي ٽيم تجويز ڏني ته روڊن جا تفصيل جمع ڪرايا وڃن ته جيئن منصوبي تي غور ڪري ان جي منظوري ڏئي سگهجي.
مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ سبب 12 هزار کان وڌيڪ ڍور مري ويا آهن، جيڪو غريب عوام جي آمدني جو واحد ذريعو آهي. بي گهر ٿيڻ بعد ٻوڏ سبب مختلف غريب عوام پنهنجي آمدنيءَ جا ذريعا به وڃائي ويٺا آهن. آئون چاهيان ٿو ته غريب مردن ۽ عورتن سان گڏوگڏ سندن مالي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ اسڪيمون شروع ڪيون وڃن ته جيئن اهي پنهنجون آمدني پيدا ڪندڙ سرگرميون شروع ڪن جهڙوڪ اسٽالن تي ميوا ۽ ڀاڄيون وڪڻڻ، عورتن پاران ڀرت جو ڪم ۽ ٻيون اهڙيون سرگرميون وغيره. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آمدني پيدا ڪرڻ ۽ معيشت جي اسڪيم تي 1 ملين ڊالر لاڳت ايندي. ان تي ورلڊ بينڪ جي وفد ان منصوبي کي ساراهيو ۽ وڏي وزير تي زور ڀريو ته ان جو ورڪ پيپر منظوري لاءِ پيش ڪيو وڃي. وڏي وزير ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڏکڻ ايشيا جي سربراهه ورلڊ بئنڪ جي مختلف منصوبن مان فنڊن جي ٻيهر مختص، ٻيهر استعمال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته جيئن متاثر ماڻهن کي خيما، مڇردانيون، جانورن لاءِ داڻو ۽ دوائون فراهم ڪري کين ريليف ۽ بحالي لا استعمال ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وڏو وزير ۽ ورلڊ بئنڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر هفتيوار جائزو اجلاس منعقد ڪندا، جنهن ۾ منصوبن تي غور ڪيو ويندو ته جيئن متاثرن جي فائدي ۽ بحالي لاءِ انهن تي عمل ڪري سگهجي.