81 سيڪڙو پاڪستان سمجهن ٿا ته ملڪ ۾ آيل ٻوڏ موسمياتي تبديلين جو نتيجو آهي، جڏهن ته 70 سيڪڙو ماڻهن وڻن جي واڍي کي ان جو سبب قرار ڏنو آهي. گيلپ پاڪستان طرفان جاري ڪيل نئين سروي مطابق 80 سيڪڙو عوام ٻوڏ بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هلندڙ سال جهڙي ٻوڏ آئي آهي، تهڙي ماضي ۾ پهرين ڪڏهن ناهي آئي. 81 سيڪڙو پاڪستانين ٻوڏ جو سبب موسمياتي تبديلين کي قرار ڏنو. سروي موجب 70 سيڪڙو پاڪستاني ٻوڏ سبب مالي نقصان ۽ 58 سيڪڙو فصلن کي پهچندڙ نقصان تي پريشان نظر آيا. سروي ۾ ٻڌايو ويو ته 70 سيڪڙو عوام وڻن جي واڍي کي نقصانن جو سبب قرار ڏنو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close