
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهه ۾ 6 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ پيٽروليم اسمن جا اگهه ڏينهون ڏينهن وڌڻ جو سلسلو جاري آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ڊبليو ٽي آ ڪچو تيل 78 ڊالر في بيرل وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته برنيٽ آئل جو اگهه 86 ڊالر في بيرل تي پهتو آهي. ان کانسوا عالمي مارڪيٽ ۾ گئس جي قيمت ۾ به 4 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي آهي.