وزيراعظم شهباز شريف نوبل انعام ماڻيندڙ پاڪستاني ڇوڪري ملالا يوسفزئي سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي ۽ ڇوڪرين جي تعليم توڙي سماجي مسئلن تي سندس خدمتن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم ملاقات دوران ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي ڏيارڻ لا ملالا فنڊ کي تعليم واري وارت سان ڀائيوار ڪرائڻ لا خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن تي ملالا پاڪستان ۾ ڇوڪرين جي حقن، سندن تعليم، ٻوڏ جي نقصانن ۽ خاص طور تي اسڪولن جي تباهي تي افسوس ظاهر ڪندي چيو ته ڇوڪرين جي تعليم لا ملالا فنڊ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لا تيار آهي. ٻئي طرف ملالا يوسفزئي ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ عالمي برادري کان پاڪستان جي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن لکيو ته وزيراعظم شهباز شريف سان ٿيل ملاقات ۾ پاڪستان جي ٻوڏ متاثر ماڻهن کي ضرورت جي شين جي فوري فراهمي واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، مون عالمي برادري کان قرضن جو دٻا گهٽائڻ ۽ فوري انساني امداد فراهم ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close