پاڪستانسنڌ

جهنڊو مري ۾ عورتن جو راشن نه ملڻ خلاف احتجاج

عثمان شاھه ھڙي: جهنڊو مري جي ڳوٺ ناگو شاهھ جي ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن جي عورتن صحافين جي ٽيم اڳيان واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو. هنن چيو ته چونڊيل نمائندا ۽ ڀوتار صرف اليڪشن ۾ ايندا آهن، باقي هنن برساتن دوران ڪا مدد نه ڪئي، ڳوٺن ۾ 4 فوٽ تائين پاڻي بيٺل آهي، ڪوبه چونڊيل نمائندو ۽ ضلعي توڙي تعلقي جو ڪامورو ناهي آيو، اسان هڪ اين جي اوز جي اسڪول ۾ پناھه ورتي، جن هاڻ اسان کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو آهي، برساتي پاڻي ۾ جيت پيدا ٿي ويا آهن، مڇرن ۽ جيتن سبب ٻار بيمار ٿي رهيا آهن، پر ڪير به مدد ڪرڻ لا تيار ناهي، اسان کي راشن، خيما يا ٻيو سامان ناهي مليو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته انتظاميا هزارين ايڪڙ زمين مان پاڻي ڪڍڻ لا رڳو هڪ مشين سم نالي تي رکي آھي، جيڪا ٽن ڏينهن کان خراب آهي، اسان وٽ پيئڻ لا پاڻي ناهي. هنن اپيل ڪئي ته اسان جي واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button