ٽنڊوآدم: ٽنڊي آدم ۾ ٻيراڻي روڊ تي مرڪزي گول چڪرا چوڪ تي ٽرڪ مالڪن پاران غيرقانوني اڏو قائم ڪيو ويو آهي، جنهن سبب حادثا معمول بڻيل آھن. گذريل ڏينهن ٽرڪ جي ٽڪر لڳڻ سبب 32 ورهين جو پورهيت عمران مغل ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي فوتي جي مڙهھ تعلقي اسپتال پهچايو ۽ ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو، فوتي پورهيت بالا گام واري علائقي جو رهواسي هو، جيڪو آرا مشين تي ڪم ڪندو هو، پورهيت ڪم تي وڃي رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو. ان سلسلي ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب شھيد بينظير ڀٽو جي نالي سان تعمير ٿيل ريلوي اوور هيڊ برج جي ٺھڻ کانپو ٽرڪ مالڪن پل جي هيٺان غير قانوني ٽرڪ اڏو قائم ڪري ڇڏيو آھي، جنهن سبب حادثا معمول بڻجي ويا آهن، پر اختيارين اڏو ختم ناهي ڪرايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close