شھدادپور:شھدادپور ۾ واپڊا روڊ وٽ ٻن ڌرين ۾ ٻارڙن جي ڪنهن ڳالهھ تان 2 ڏينهن اڳ ٿيل جهيڙي ۾ زخمي ٿيل ٻن ٻارڙن جو پي 28 ورهين جو نوجوان لياقت علي ولد مالهي خان چانڊيو زخمن جا سور نه سهندي حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، سندس لاش پوسٽ مارٽم لا شھدادپور انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائينسز اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، پوليس مقتول جي والد مالهي چانڊيو جي فرياد تي 4 ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري ڪيس ۾ نامزد چئن جوابدارن مان ٽن جوابدارن ڄام، غلام حيدر ۽ محمد خان کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. ٻئي طرف وارثن گهر ڪئي ته واقعي جي جاچ ڪري قاتلن کي ڪڙي سزا ڏياري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي وڏي منشي مصري خان خاصخيلي ڪيس داخل ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close