اسلام آبادپاڪستان

مبينا آڊيو ليڪ/مريم نواز جي ناٺي کي پاور پلانٽ لا سهولت ڏيڻ جي درخواست جو انڪشاف

اسلام آباد : وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ نواز ليگ اڳواڻن ۽ وفاقي وزيرن جي اجلاس جي مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي. آڊيو ۾ وزيراعظم کي رشتيدار کي سهولت فراهم ڪرڻ جي درخواست جو انڪشاف ٿيو آهي. آڊيو موجب مريم نواز وزيراعظم کي پنهنجي ناٺي کي ڀارت مان پاور پلانٽ لا مشينري جي درآمد ۾ سهولت ڏيڻ جو چيو ويو آهي. آڊيو ۾ وزيراعظم شهباز شريف، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، بچاءَ واري وزير خواجا آصف ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق سميت ٻين اڳواڻن جو آواز اچي رهيو آهي. ليڪ ٿيندڙ آڊيو ۾ مبينا طور ليگي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير پي ٽي آءِ جي استعيفائن تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن. مبينا آڊيو ليڪ ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري تي وفاقي وزير مختلف راءِ ڏئي رهيا آهن. ليڪ آڊيو ۾ استعيفائن جي منظوري لاءِ لنڊن مان اجازت وٺڻ جو به ذڪر ٿي رهيو آهي. وزيراعظم هائوس جي آڊيو ليڪ ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي جي سوال اٿي ويا آهن ته ڇا وزيراعظم هائوس ايترو غير محفوظ آهي جو اتي ٿيندڙ گفتگو ٻئي هنڌ ٻڌي سگهجي ٿي؟ اهو سوال به اٿي رهيو آهي ته آڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ ڇا وزيراعظم هائوس ۾ قومي سلامتي جي معاملي تي ڪو اجلاس ٿي سگهي ٿو؟ اهو به چيو پيو وڃي ته ڇا حڪومت ۽ وزيراعظم پاليسي سازي لاءِ ان ڪئميرا اجلاس ڪري مطمئن ٿي سگهي ٿو؟ اهو سوال به اٿاريو پيو وڃي ته ڇا وزيراعظم هائوس ۾ اهڙو ڳجهو رڪارڊنگ سسٽم لڳل آهي، جنهن جو حڪومتي ميمبرن کي به علم ناهي؟ ٻئي طرف سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آڊيو ثبوت آهي ته ڪو غير قانوني ڪم ناهي ٿيو، نه ئي ڪنهن کي ڪو ناجائز فائدو پهچايو ويو. عمران خان جي ڪرڪ جلسي تي ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب تحريڪ انصاف چيئرمين جي خطاب کي “بي شرمي” قرار ڏنو ۽ چيو ته ڀارت مان بجلي جو پلانٽ عمران خان جي حڪومت جي پاليسي ۽ قانون موجب آيو. آڊيو ۾ شوڪت ترين ۽ انهن جي وزيرن وانگر پاڪستان دشمن سازش جي ڪا ڳالهه ناهي ٿي. عمران خان هائوسنگ سوسائٽي جي گرڊ اسٽيشن لڳائڻ جي باري ۾ 18 جولاءِ 2022 جو هاءِ ڪورٽ ملتان بئنچ جو فيصلو پڙهي. هن چيو ته پرڏيهي فنڊنگ عيوض پاڪستان جي آزادي، خود مختياري ۽ معيشت جو سودو ڪندڙ رڙيون ڪري رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڪو غير قانوني ڪم نه ٿيڻ تي عمران خان ڪاوڙ ۾ چريو ٿي ويو آهي. سندس موجب عمران خان کي ڪاوڙ ان ڳالهه جي آهي ته آڊيو ۾ به ڪا غير قانوني شئي برآمد نه ٿي سگهي، بشريٰ بي بي جي 5 قيراط هيري جو ذڪر ناهي، خيرات جو پئسو پنهنجي ذات ۽ سياست لاءِ استعمال ڪندڙ جو پڪڙجڻ تي پِٽڪو ٺهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button