خيرپور ناٿن شاھه: خيرپور ناٿن شاھه ۾ 26 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻوڏ جو پاڻي نڪري نه سگهيو آهي، هن مهل تائين تعلقو مڪمل طور ٻڏل آهي، هر هنڌ 8 کان 12 فوٽ تائين پاڻي بيٺل آهي، مسلسل پاڻي بيهڻ ڪري سوين گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، بيٺل پاڻي ۾ تمام گهڻي خراب ڌپ ٿي وئي، جنهن سبب مختلف خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهي، انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندا مسلسل غائب آهن، متاثرن جي ڪنهن به سار نه لڌي، متاثرن ٻيڙين تي واپس اچي پنهنجي گهرن کي ڏٺو ته جتي ڪٿي پاڻي ئي پاڻي آهي. ان سلسلي ۾ ٻوڏ متاثرن چيو ته ظالمن هٿ سان اسان کي ٻوڙيو آهي، 2010ع ۾ به چونڊيل نمائندن ٻوڙيو هو، وري 12 سالن کانپو اسان کي ٻوڙيو آهي، ظالمن ظلم ڪيو آهي، ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن واهر نه ڪئي. خيرپورناٿن شاهه واسين مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي خيرپورناٿن شاهه جو پاڻي نيڪال ڪرائي جو حڪم ڏئي شهر ٻوڙائڻ جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close