اسلام آباد : پٽ هٿان ننهن جي قتل سبب جاچ لاءِ گذريل ڏينهن گرفتار ٿيل سينيئر صحافي اياز امير کي هڪ ڏينهن جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪيو ويو. اياز مير کي ڊيوٽي جج زاهد ترمزي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. اياز امير عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته مان پاڻ پوليس کي اطلاع ڏنو. ايس ايڇ او کي فارم هائوس جي ايدريس به مان ڏنل وقت اسلام آباد ۾ نه پر چڪوال ۾ هيس. وڪيل صفائي چيو ته اياز امير جي خلاف ڪوئي ثبوت نه آهي، پوليس به تصديق ڪئي ته واقعي جو اطلاع اياز امير ئي ڏنو هو. هن چيو ته اياز امير جو نالو ايف آئي آر ۾ نامزد نه آهي. جڏهن ته پوليس چيو ته هاءِ پروفائيل ڪيس آهي، جوابدار جي والد کي جاچ ۾ شامل ڪرڻو آهي. پوليس پاران اياز امير جي چئن ڏينهن جي جسماني ريماند جي اپيل ڪئي وئي. جڏهن ته عدالت اياز امير کي هڪ ڏينهن جي جسماني ريماند ۾ پوليس جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو. ڊيوٽي جج محمد زاهد ترمزي اياز امير جو هڪ ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close