پاڪستان

انگلينڊ کي 3 رنسن تان ڊرامائي شڪست، پاڪستان ٽيم اداس چهرن تي خوشي آڻي ڇڏي

پاڪستاني ٽيم بهترين بالنگ ذريعي انگلينڊ کي چوٿين ٽي-20 دنگل ۾ انگلينڊ کي ننهن چوٽي جي مقابلي بعد 3 رنسن تان ڊرامائي شڪست ڏئي سيريز ۾ 2- 2 تان حساب برابر ڪري ورتو، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ مهمان برطانوي ٽيم 167 رنسن جي حدف جي جواب ۾ آخري اوور ۾ 163 رنسون ٺاهي پويلين ڀيڙي ٿي وئي، آخري لمحن ۾ پاڪستان طرفان حارث رئوف ۽ محمد وسيم جونيئر شاندار بالنگ ڪرائي مداحن جي اداس چهرن تي مرڪون آنديون. انگلينڊ طرفان ليام ڊاسن ۽ هيري بروڪ 34- 34 رنسن جي شاندار ۽ طوفاني اننگز ذريعي ٽيم کي کٽرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر پاڪستاني بالر زور ٿي ويا. ان کان اڳ پاڪستان چوٿين ٽي ٽوئنٽي ۾ کٽڻ لا انگلينڊ کي 167 رنسن جو هدف ڏنو هو. ڪراچي ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي پاڪستان مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 166 رنسون ٺاهيون. محمد رضوان 88 رنسن جي اننگز کيڏي، ڪپتان بابر اعظم 36، شان مسعود 21، آصف علي 13 رنسون ٺاهيون. انگلينڊ طرفان ٽاپلي 2 شڪار ڪيا، جڏهن ته ليام ڊاسن ۽ ڊيوڊ ولي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. مئچ دوران پاڪستاني اوپنرن بابر اعظم ۽ محمد رضوان هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتو. بابر ۽ رضوان ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل مئچن ۾ 2 هزار رنسون ٺاهيندڙ پهرين جوڙي بڻجي وئي. رضوان ۽ بابر هيل تائين اوپنر طور 2043 رنسون ٺاهي چڪا آهن، ٻنهي ۾ ففٽي يا ان کان وڌيڪ جي پارٽنرشپ 14 ڀيرا ٿي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button