جماعت اسلامي جي امير سراج الحق حڪومت کي ٽرانس جينڊر بل ۾ تبديلي ڪرڻ لا الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن بل ۾ تبديلي نه ڪئي وئي ته اسلام آباد تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويندو. دير بالا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته کدڙن فقيرن جي حقن جو تحفظ ڪندا آهيون ۽ چاهيون به ٿا پر کدڙن فقيرن جي آڙ ۾ ثقافت، تهذيب ۽ اسلامي قدر ختم نه ڪرڻ ڏينداسين، جماعت اسلامي ٽرانس جينڊر بل ۾ تبديلي لاءِ ڪجهه تجويزون ڏنيون آهن، پهرين وياج ۽ هاڻي ٽرانس جينڊر بل جي معاملي تي اسان جو نظام سان جهيڙو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عافيا صديقي لاءِ نه بلاول ڀٽو، نه شهباز شريف ۽ نه ئي عمران خان ڳالهايو آهي، هي سڀ آمريڪا جا غلام آهن، ڪالهه مسلم ليگ وارا روئي رهيا هئا، اڄ تحريڪ انصاف پئي روئي ۽ سڀاڻي وري شهباز شريف جو وارو اچڻو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close