پي ڊي ايم ۽ جي يو آ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت جو حصو هوندي به مهانگائي سبب پريشان آهيان، اسٽيٽ بئنڪ کي آزادي جي نالي تي آ ايم ايف حوالي ڪيو ويو. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏئي رهيو آهيان، حڪومت ۾ هوندي به مهانگائي تي پريشان آهيان، عمران خان ته غيرت ۾ اچي اسيمبلي ڇڏي هئي، هاڻي سازش واري ڳالهه ڪيڏانهن وئي؟ امپورٽيڊ ته پاڻ هو، جيڪو ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ آيو هو. هن چيو ته اسحاق ڊار جي تجربي مان فائدو وٺڻ گهرجي، هن ماضي ۾ به معيشت کي بهتر ڪيو، وزيراعظم هائوس جي آڊيو ليڪ ٿيڻ انتهائي اهم ۽ پريشان ڪندڙ معاملو آهي، وزيراعظم کي چوندس ته سختي سان منهن ڏئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close