نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز مبينا آڊيو ليڪ ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي پيٽرول جا اگهه وڌائڻ جو مشورو پڻ ڏنو. خانگي ٽي وي جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته ميڊيا ۾ پيٽرول جي قيمت وڌائڻ جي مخالفت ڪندڙ حڪمران پارٽي ۾ اندروني طور تيل مهانگو ڪرڻ تي زور ڀريو پيو وڃي، مبينا آڊيو ليڪ ۾ مريم نواز چوي ٿي ته اسان کي پيٽرول جا اگهه وڌائڻا پوندا ۽ ائين ڪرڻ اڻٽر آهي، جنهن تي وزيراعظم شهباز شريف چوي ٿو ته معاشي صورتحال ڏسڻي پوندي، ان جي جواب ۾ مريم چوي ٿي ته چاچا، اسان کي گڏوگڏ ڪنهن ٻئي طريقي سان به توهان جو سٺو تاثر ٺاهڻو آهي ۽ اها ڳالهه تمام گهڻي اهم آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close