تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون کي آرمي چيف نه پر ميرٽ گهرجي، شريف ۽ زرداري خاندانن کي اليڪشن ۾ شڪست ڏيندي، آڊيو ليڪ مان ثابت ٿي ويو ته مريم نواز جو ناٺي به پئسو ٺاهي رهيو آهي، اقتدار ۾ پنهنجي ذات کي فائدو پهچائڻ کي ئي ڪرپشن چيو ويندو آهي. خيبر پختونخوا جي شهر ڪرڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته آڊيو ٽيپ ۾ ڪجهه شيون خاص طور تي سامهون آيون آهن، مريم نواز پنهنجي ناٺي لاءِ ڀارت مان پاور پلانٽ جي مشينري درآمد ڪرائي رهي آهي، اڌ مشينري اچي چڪي آهي، هو سفارش ڪري رهي آهي ته وڌيڪ مشينري به منهنجي ناٺي کي ڏياريو، هوءَ ناجائز ڪم ڪرائي رهي آهي. هن چيو ته هي سڀ پئسو ٺاهڻ ۾ لڳل آهن ۽ آڊيو ليڪ مان ثابت ٿي ويو ته ناٺي صاحب به پئسو ٺاهيو آهي، مريم نواز سچ نٿي ڳالهائي سگهي، اسان جي حڪومت ڀارت سان واپار بند ڪيو هو پر مريم نواز پنهنجي ناٺي لاءِ ڀارت مان پاور پلانٽ جي مشينري امپورٽ ڪرڻ چاهي ٿي، اقتدار ۾ ذاتي فائدو کڻڻ ڪرپشن هوندي آهي هي ماڻهو جڏهن به اقتدار ۾ آيا تڏهن ملڪ مٿان قرض وڌي ويا، اسان سڀني تي فرض آهي ته حقيقي آزادي لاءِ جهاد ڪريون، غلامي ڪرڻ کان مري وڃڻ بهتر آهي، تنهن ڪري مان وڙهندس. اڳوڻي وزيراعظم موجب بلاول چئي ٿو ته عمران خان پنهنجو آرمي چيف آڻڻ چاهي ٿو، عمران خان کي آرمي چيف نه پر ميرٽ گهرجي. عمران خان وڌيڪ چيو ته هاڻي آئون پوري تياري ڪري رهيو آهيان، حقيقي آزادي جي تحريڪ لا سڄي ملڪ ۾ وڃي رهيو آهيان، هاڻي سڏ تڏهن ڏيندس جڏهن منهنجي هڪ بال تي 3 وڪيٽون ڪري پونديون، منهنجي ٽئين وڪيٽ تي اک آهي ۽ وچين وڪيٽ به ان سوئنگ ذريعي ڪيرائيندس، آئون اليڪشن لا وڃي رهيو آهيان، عام چونڊن ۾ زرداري ۽ شريف خاندانن کي شڪست ڏيندس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close