ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ۾ ڪالهه 18 هين ڏينهن به سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين پي پي ايڇ آءِ جي ڊاڪٽر خلاف احتجاج جو سلسلو جاري رکيو. ٽن ڪلاڪن تائين احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. ان موقعي تي زخمي ملاح، ممتاز مينگل، الطاف چانڊيو، حيدر لاشاري، انعام کوسو، شعبان لاشاري، مختيار جتوئي، علي حسن چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ڊاڪٽر جو مريضن سان اڍنگو رويو آهي ۽ اسٽور روم جو دربند ڪري دري مان ويهي نفرت ڪندي پري کان دوائون ڏئي مريضن کي چڪاس ڪرڻ بنا ئي موٽائي چڏي ٿو، مريضن جي شڪايت تي صحافين خبرون رپورٽ ڪيون ته سندن مٿان اين سي داخل ڪرائي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي غيرذميور ڊاڪٽرکي هٽائي فرض سُناش ڊاڪٽر مقرر ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close