جهڏو: جهڏو جي عابد ڪالوني، ڪڇي ڪالوني، صغير ڪالوني ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي ٻوڏ متاثر ڪيترين ئي عورتن سرڪاري امداد نه ملڻ خلاف مين مٺي-ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار جهڏو آفيس اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، عورتن ضلعي انتظاميا خلاف نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي متاثر عورتن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڪامورن هزارين ٻوڏ متاثرن کي نظرانداز ڪيو آهي، چونڊيل نمائندن جي پرچي وٺي ايندڙ ۽ من پسند ماڻهن کي امدادي سامان ڏنو پيو وڃي، 3 ڏينهن کان مختيارڪار آفيس اڳيان احتجاج ڪري رهيا آھيون، پر هيل تائين امدادي سامان نه مليو آهي، جنهن سبب معصوم ٻار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، روينيو عملي راشن ڏيڻ لاءِ اسان کان سڃاڻپ ڪارڊ وٺي رکي ڇڏيا آهن، پر عملو راشن نٿو ڏي، نه ئي شناختي ڪارڊ واپس ڪري ٿو، جيڪو ظلم آهي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان کي راشن، خيما ۽ ٻيو سامان ڏئي مدد ڪئي وڃي. هوڏانهن روينيو ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته جهڏي تعلقي ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب 76 ہزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، پر سرڪاري سطح تي 10 هزار ماڻهن جو به امدادي سامان نه مليو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close