نفيس نگر: نفيس نگر ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف پورهيتن ۽ مزدورن نواز ٽنگڙي، بشير گشڪوري ۽ سانوڻ گشڪوري جي اڳواڻي ۾ نفيس نگر-ٽالهي مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي غريب نواز ۽ بشير گشڪوري چيو ته سنڌ حڪومت اٽي جو 65 رپيا في ڪلو اگهه مقرر ڪيو آهي، جنهن تي فلور مل ۽ چڪي مالڪ عمل نٿا ڪن، فلور ملز ۽ چڪين تان 110 کان 120 رپيا في ڪلو اٽو وڪرو ڪيو پيو وڃي، اسان ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون. هنن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته 65 روپيا ڪلو مقرر ڪيل اٽي جي اگهه تي عمل ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي چڪي مالڪن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت اسان کي سستي اگهه ۾ ڪڻڪ فراهم ڪندي ته اسان 65 رپيا ڪلو اٽو وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اسان کي ڪڻڪ مهانگي ملي پئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close