ڪوٽڙي: ڪوٽڙي لڳ ڪاروکھو واري علائقي جي ڳوٺ ملتاني مياڻ ۾ عورت بخار ۾ فوت ٿي وئي، پوليس زال کي مبينا طور مارڻ جو الزام هڻي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب ڪوٽڙي لڳ مڙس پاران مبينا طور زال کي ماري ڳجھه ڳوھه ۾ دفنائڻ جي الزام هيٺ پوليس فيض محمد ملاح کي گرفتار ڪري سندس زال زاھدا ملاح جي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ ماٽم لا بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڪوٽڙي جو چوڻ آھي ته اسان کي اطلاع مليو ته مڙس پنھنجي زال کي مبينا طور تي قتل ڪري دفنائي رھيو آھي، جنھن تي ڪارروائي ڪري هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري لاش کي پوسٽ مارٽم لا اسپتال آندو آھي.
هوڏانهن ليڊي ڊاڪٽر موجب ظاھري طور عورت کي ڪوبه ڌڪ لڳل ناھي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم ڪريون پيا، حقيقتون سامهون اچي وينديون. ٻئي طرف عورت جي گرفتار مڙس فيض محمد ملاح جو چوڻ آھي ته سندس زال بخار سبب فوت ٿي وئي آھي، ڪاري سائي به هيس، هن چيو ته منھنجي 5 ٻارن جي ما ھئي، منھنجي گھرواري ھئي، وس آهر علاج به ڪرايو ھو، هن چيو ته گهرواري کي دفنائي رھيا ھئاسين ته پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي. آخري اطلاعن تائين عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو هو.