ڇاڇرو: ڇاڇري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 6 ماڻهن کي نانگ ڪکي ڇڏيو. امينت ڌيءَ عبدالله نهڙي، 4 سالن جي سبحان ڌيءَ سليمان بجير، 12 سالن جي رائچند پٽ پانچو ڀيل سميت 6 ماڻهن کي نانگ ڪکي ڇڏيو، جن کي تعلقي اسپتال آندو ويو. وارثن احتجاج ڪندي دانهيو ته اسپتال ۾ دوائن ۽ بسترن سميت ڪا سهولت ناهي، عملو لاپرواهي ڪري ٿو، هڪ بيڊ تي 4،4 مريض داخل آهن، دوائون خانگي ميڊيڪل اسٽور تان خريد ڪريون پيا. هوڏانهن ٿر جي مختلف ڳوٺن کان آيل عبدالحڪيم بجير، عبدالقيوم، نويس ميگهواڙ، عائشيه، مولچند ميگهواڙ ۽ مجنون ميگهواڙ سميت 80 کان وڌيڪ ماڻهن کي سرڪاري ۽ خانگي ليبارٽرين مان ڪرايل ٽيسٽن ۾ مليريا پازيٽو آئي، جنهن بعد کين اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close