پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ سنڌ عوامي فورم طرفان مفت طبي ڪيمپ لڳائٔي وئي

راڌڻ: ٻوڏ متاثرن جي علاج لا سنڌ عوامي فورم طرفان راڌڻ ۾ ڊاڪٽر فاروق حيدر لاشاري جي ڪلينڪ تي طبي ڪيمپ لڳائٔي وئي، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ٻوڏ جي متاثرن کي تپاسي کين مفت ۾ دوائٔون ڏنيون ويون. ان موقعي تي ميڊيا بريفنگ دوران فورم جي مرڪزي صدر حبيب جتوئي، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر حسن لغاري، ڊاڪٽر انور حاجاڻو، ڊاڪٽر امر شي ٺاڪر چيو ته اسان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جتي ويا آھيون ته ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار بيمارين ۾ ورتل کلي آسمان ھيٺ ويٺل ڏٺا آهن، راشن، ٽينٽ ۽ کاڌ خوراڪ کان محروم آهن. انھن ۾ اڪثريت اھڙن ماڻھن جي آھي جن جا گھر ۽ زمينون برسات ۽ ٻوڏ ۾ تباهه برباد ٿي ويون آهن ۽ مھلڪ بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button