پاڪستان

چنڊ نظر نه آيو، 12 ربيع الاول آچر 9 آڪٽوبر تي ٿيندي

ملڪ ۾ ڪٿي به ربيع الاول جو چنڊ نظر نه آيو، تنهن ڪري پهرين ربيع الاول اربع تي ٿيندي ۽ 12 ربيع الاول جو ڏهاڙو آچر 9 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۽ موسميات کاتي جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ملڪ ۾ ڪٿي به چنڊ ڏسجڻ جون شاهديون نه مليون، جنهن بعد اعلان ڪيو ويو. چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين موجب پهرين ربيع الاول اربع 28 سيپٽمبر تي ۽ 12 ربيع الاول آچر 9 آڪٽوبر تي ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button