پاڪستان

اسحاق ڊار 5 سالن بعد ڏيهه واپس پهچي ويو، ملڪ جي معيشت بهتر ڪرڻ جو عزم

ناڻي بابت نامزد ڪيل وفاقي وزير اسحاق ڊار پاڻمرادو اختيار ڪيل جلاوطني ختم ڪري پنجن سالن بعد ڏيهه واپس پهچي ويو، هن وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ لنڊن کان خاص جهاز ذريعي اسلام آباد ۾ پير پاتو. وزيراعظم سان گڏ ناڻي جو اڳوڻو وزير مفتاح اسماعيل ۽ اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب پڻ ڏيهه واپس پهتا آهن. ذريعن موجب اسحاق ڊار اڄ سينيٽر طور قسم کڻندو ۽ سڀاڻي ناڻي واري وزير طور عهدو سنڀاليندو. اسحاق ڊار چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته آئون پنهنجي وطن پهچي ويو آهيان، پاڪستان جنهن ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، پوري ڪوشش ڪندس ته ان مان ملڪ کي ٻاهر ڪڍان. ٻئي طرف پاڪستان روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ اسحاق ڊار چيو ته ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندس، پاڪستان کي ٻيهر اوچائين تي وٺي ويندس جيئن نواز شريف جي دور ۾ هو. هن چيو ته اسان نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ کي اهڙي پوزيشن تي آڻي بيهاريو هو جتي اسان پاڪستان کي دنيا جي 18 هين وڏي معيشت بڻائڻ وڃي رهيا هئاسين، خدا مون کي توفيق ڏي ته جيئن پاڪستان ٻيهر ساڳي بلندي تي وٺي وڃون. پنهنجي ڪيس جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته مون تي 20 ورهين جو ٽيڪس جمع نه ڪرائڻ جو الزام ۽ ٺاهيل ڪيس بي بنياد هو ويو، مون ڪڏهن 20 ڏينهن به ٽئڪس جمع ڪرائڻ ۾ دير ناهي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button