اسلام آبادپاڪستان

سياسي شخصيت طرفان لڳايل الزام بي بنياد آهن: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان هڪ سياسي شخصيت پاران لڳايل الزامن جي سخت مذمت ۽ ترديد ڪئي آهي. اليڪشن ڪيمشن جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان هڪ سياسي شخصيت طرفان لڳايل الزامن جي سخت لفظن ۾ مذمت ۽ ترديد ڪري ٿي. اهڙا غير ذميواراڻا الزام بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن. ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن قسم جي دٻاءُ ۾ نه اچي آئين ۽ قانون مطابق فيصلا ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي.

هن چيو ته جيتري قدر اليڪشن ڪرائڻ جو معاملو آهي ته هي فيصلو اليڪشن ڪميشن جي اختيار ۾ نه آهي. هن چيو ته اليڪشن ٻن ئي صورتن ۾ ٿي سگهي ٿي، اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون هجن يا وزيراعظم اسيمبلي کي تحليل ڪري ڇڏي. ترجمان چيو ته في الحال اهڙي ڪائي صورتحال موجود نه آهي پر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اها ذميواري آهي ته هو شفاف اليڪشن ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button