پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم لڳ زمين جي تڪرار تان جهيڙو، عورت سميت 4 ماڻهو زخمي

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ شھڪ مري ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ عورت امينت، غلام قمبر بليدي ۽ محمد بخش بليدي ۽ ٻي ڌر جو چارگل کوهي مري گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال آندو ويو. کوهي مري ڌر پاران ٽنڊوآدم-ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ويو ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. ڊي ايس پي ٽنڊوآدم ۽ ايس ايڇ او بي سيڪشن پهچي کين خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. پوليس ڪارروائي ڪري هڪ ڄڻي محمد بخش بليدي کي گرفتار ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button