پاڪستانسنڌ

خانپورمهر ۾ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جو پي صدمي ۾ فوت

خانپورمهر (ن سنڌ ايڪسپريس) ٽي ڏينهن اڳ ٻيلو ميرپور پوليس جي مبينا مقابلي دوران مارجي ويل نثار مهر جو پيرسن پي مولا بخش مهر صدمي ۾ فوت ٿي ويو. جڏهن ته
نثار مهر جي مارجڻ ۽ سندس پيرسن پي جي صدمي ۾ فوت ٿيڻ ڪري گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي. هوڏانهن مبينا مقابلي دوران مارجي ويل نثار مهر جي پي جي فوت ٿيڻ بعد وارثن فوتي پيرسن جو لاش رکي ڌرڻو هنيو ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي غلام حسين مهر، احسان مهر ، قربان مهر، ڪريم بخش مهر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ٽي ڏينهن اڳ خانپورمهر پوليس جا اهلڪار اسان جي نوجوان نثار مهر کي خانڳڙهھ مان ڏينهن ڏٺي جو کنڀي کڻي ويا، جنهن بعد ٻيلو ميرپور ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ کيس قتل ڪيو آهي. وارثن وڌيڪ چيو ته نثار مهر جي مارجڻ جو ٻڌندي ئي سندس پوڙهو پي مولا بخش مهر صدمي ۾ هو، جيڪو فوت ٿي ويو آهي. هنن وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آ جي سکر ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button