اسلام آبادپاڪستان

اسحاق ڊار سينيٽر جو حلف کڻي ورتو، سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو گوڙ

اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ نامزد ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ڪالهه سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر جو حلف کڻي ورتو، جنهن دوران مخالف ڌر طرفان شور شرابا جاري رهيو. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ صادق سنجراڻي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ نامزد ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کان سينيٽر طور حلف ورتو، ان دوران مخالف ڌر طرفان گوڙ ۽ هنگامو ڪيو ويو. جيڪو 5 سالن کانپوءِ هڪ ڏينهن اڳ لنڊن مان پاڪستان واپس آيو هو. پي ٽي آءِ ميمبرن سينيٽ چيئرمين جي ڊائس جو گهيراءُ ڪيو ۽ اجلاس جي ايجنڊا جو ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. ٻئي پاسي حلف کڻڻ کانپوءِ حڪومتي اتحاد جي ميمبرن اسحاق ڊار جي سيٽ تي وڃي کيس مبارڪون ڏنيون. اجلاس کي خطاب ڪندي قائد ايوان ۽ وفاقي قانون واري وزير نذير تارڙ چيو ته اسحاق ڊار چونڊيل سينيٽر آهي، هن اڄ حلف کنيو آهي، اسان کيس ڀليڪار ڪريون ٿا، اميد ٿا ڪريون ته جيئن هن اڳ ملڪ جي ڪئي هئي، هاڻي به هو ٽيم جو حصو بڻجي پاڪستان کي مصيبت مان ڪڍڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي دوستن کي به گذارش ڪندس ته اسان هميشه ايوان جي تقدس جو خيال رکيو آهي، احتجاج ۾ ڳالهائڻ توهان جو حق آهي، مائڪ تي ڳالهايو، ان طريقي سان ايوان جو تقدس پائمال نه ڪيو وڃي. ڪنهن جو به دامن صاف ناهي، پاڪستان جو آئين ۽ پاڪستان جو قانون سڀني لاءِ واضح آهي.

سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ شهزاد وسيم چيو ته اهڙي رويي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، هن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي هئڻ گهرجي، هن ملڪ ۾ اشتهار بازن جي ڪا به گنجائش ناهي، پاڻ کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اسان کي جيڪي مسئلا درپيش آهن، ان ۾ رپئي جي قدر کي مصنوعي طور تي گهٽايو ويو آهي، هڪ وڏو چيلنج آهي، اهڙي طرح مهانگائي ۽ يوٽيلٽي قيمتن ۾ واڌ به اسان لاءِ وڏا چئلينج آهن، جنهن سان عوام سڌو سنئون متاثر ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هو ڀرپور ڪوشش ڪندو، ماضي ۾ الله تعاليٰ ڪاميابي ڏني آهي، مان گذريل رات پهتو آهيان، هن وقت تائين ڊالر جي قيمت ۾ 9 کان 10 رپين جو فرق اچي ويو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته پاڪستاني قوم جو 1350 رپيا قرض آهي. اربين رپين جا قرض گهٽ ٿيا آهن، اهو الله جو فضل آهي ته هينئر تائين 24 ڪلاڪن کان به گهٽ عرصي ۾ رپئي جي قدر ۾ بهتري سبب قرضن ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ميڊيا تي پابندي باوجود آرٽيڪل لکندو رهيس، اها سٺي ڳالهه آهي ته حڪومت پهرين بل جي مقابلي ۾ حتمي بل ۾ اهم تبديليون ڪيون آهن پر مان سمجهان ٿو ته ان ۾ وڌيڪ تبديليون ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته اهو پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ڪريڊٽ آهي ته پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت مقرر هئي، 1999ع ۾ جڏهن مان ناڻي وارو وزير هيس ته ان کي مارڪيٽ بيسڊ ڪيو پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته هٿرادو يا سٽي باز پاڪستان جي ڪرنسي کي يرغمال بڻائي پاڪستان کي نقصان پهچائين. اسحاق ڊار خبردار ڪندي چيو ته پنهنجو قبلو درست ڪريو، مان سڀني جو شڪر گذار آهيان ۽ مان سمجهان ٿو ته کين اڳ ئي هدايت صحيح ملي وئي آهي، سندن تعاون سان اها واٽ درست ٿيندي ۽ پاڪستان کي فائدو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button