پاڪستانسنڌ

ڄامشورو ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف ها وي تي ڌرڻو

ڄامشورو: ڄامشورو ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف راڳي وقار ملاح، ساگر عالماڻي، صحافي عرفان برفت، مبين تيوڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي شهرين لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي گيٽ آڏو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي هنن چيو ته مهينو گذرڻ باوجود شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي، انتظاميا ڪٿي به نظر نه پئي اچي، ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ هجڻ باوجود ٽائون جي هر هڪ وارڊ ۾ گندگي جو آزار آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندا هن وقت تائين ڄامشورو جي رهواسين جي ڪابه پرگهور نه لڌي آهي، سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن مان ٻوڏ متاثرن ڄامشورو ۾ رهيل آهن، انهن کي ڪو رليف نه مليو آهي. ٻي پاسي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي سميع ﷲ سنجراڻي ڌرڻي وارن سان ڳالهين لاءِ پهتو، جتي هن ڌرڻو هڻندڙ شهرين سان ڳالهيون ڪري هفتي اندر شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button